اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون غير شفاف قرار ڏئي ڇڏيون، ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي خلاف داخل ڪيل انٽرا پارٽي ڪيس جو تفصيلي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي غير شفاف قرار ڏيندي 20 ڏينهن ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته چونڊون ڪرائڻ کان پوءِ 7 ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي رپورٽ ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وڃي. 20 ڏينهن جي اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن تيستائين بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ وٽ رهندو ٻئي صورت ۾ واپس ورتو ويندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. اليڪشن ڪميشن انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اهو نه چيو  آهي ته پارٽي چونڊون آئين موجب نه ٿيون آهن پر اهو چيو هو ته ڪاغذ پورا نه آهن. اسان اليڪشن ڪميشن جي انٽرا پارٽي چونڊن واري ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جو معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ 2022 کان ٻڌڻي هيٺ آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. چونڊ ايڪٽ موجب سمورين سياسي پارٽين کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔