مسلم ليگ نون ڪراچي مان پيپلزپارٽي جي اهم وڪيٽ ڪيرائي وڌي

ڪراچي: مسلم ليگ نون ڪراچي مان پيپلزپارٽي جي اهم وڪيٽ ڪيرائي وڌي، ٽرانسپورٽ جو اڳوڻو صوبائي وزير اختر جدون نون ليگ ۾ شامل ٿي ويو

 پ پ اڳواڻ اختر جدون گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ نون ليگ سنڌ جي اڳواڻ بشير ميمڻ ۽ نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي هئي

 بشير ميمڻ ايڪس تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته اختر جدون مان توهان کي مسلم ليگ نون ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو

بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته توهان سان ڪيل منهنجو وعدو منهنجي قيادت پورو ڪندي، چونڊن جي سلسلي ۾ نواز ليگ سنڌ ۾ سرگرم ٿي وئي آهي، ذريعن موجب اڃا به ڪجهه ماڻهو نواز ليگ ۾ شامل ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔