پوليس ۽ انتظاميا کان ڪم نٿو پڄي ته پوءِ وزيراعظم کي گهرائڻو پوندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ به گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ وزيراعظم کي گهرائڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي

 جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پوليس ۽ انتظاميا جي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي ته پوءِ وزيراعظم کي گهرائڻو پوندو

 جسٽس امجد سهتو چيو ته 10 سالن کان روز گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، ايترو وقت ٻين ڪيسن کي ڏيون ها ته ڪيترائي ڪيس اڪلائجي وڃن ها

عدالت ۾ درخواست گذار زيب النساء جي وڪيل چيو ته درخواست گذار جو مڙس پاپوش نگر مان 2017 کان گم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔