بحريه ٽائون پاران ڪراچي جي 3 هزار 31 ايڪڙ سرڪاري زمين تي غير قانوني طور قبضو ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: بحريه ٽائون پاران ڪراچي جي 3 هزار 31 ايڪڙ سرڪاري زمين تي غير قانوني طور قبضو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڪمشنر ڪراچي جي سربراهيءَ ۾ 10 رڪني سروي ٽيم پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بحريه ٽائون ڪراچي سان 16 هزار 896 ايڪڙ زمين جو معاهدو ٿيو هو، هن وقت بحريه ٽائون جو 19 هزار 931 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي

 رپورٽ موجب بحريه ٽائون جو هن وقت طئي ٿيل معاهدي کان 3 هزار 31 ايڪڙ واڌو زمين تي قبضو آهي

 رپورٽ موجب بحريه ٽائون جو ملير ضلعي ۾ 813 ايڪڙ ۽ ڄامشورو ۾ 2 هزار 222 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي

 رپورٽ سپارڪو، سروي آف پاڪستان ۽ فاريسٽ کاتي جي مدد سان تيار ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي بحريه ٽائون جي قبضي هيٺ زمين جي سروي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔