ناليواري سماجي شخصيت ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ جو وائيس آف سنڌ جو دورو

ڪراچي: ناليواري سماجي شخصيت ۽ عيسيٰ ليبارٽريز جي سي اي او ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ وائيس آف سنڌ جو دورو ڪيو .ان موقعي تي وائيس آف سنڌ جي پيٽرن ان چيف عبدالغني دادا ڀائي کيس سووينئر پيش ڪيو . ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ به کين ٽرڪ آرٽ جو نمونو تحفي طور پيش ڪيو .

ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ ان موقعي تي وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون ۽ انهن جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو  ۽ سندن ڪم جي تعريف ڪئي، سندس چوڻ هو ته نهايت ٿوري وقت ۾ وائيس آف سنڌ منفرد مقام حاصل ڪيو آهي ، اهڙيءَ ريت محنت جو اهو سلسلو جاري رهيو ته جلد هي ملڪ جي ناليواري صحافتي ادارن ۾ ليکيو ويندو .

بعد ۾ ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ جو وائيس آف سنڌ جي لاءِ پوڊ ڪاسٽ رڪارڊ ڪيو ويو ، جنهن ۾ هن پاڪستان جي شاندار مستقبل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ۽ واپاري طبقي جي همت ٻڌرائي . هي پوڊ ڪاسٽ جلد ناظرين جي آڏو پيش ڪيو  ويندو .

واضح رهي ته ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ اسان جو حقيقي قومي هيرو ڳڻائي سگهجي ٿو . سماجي ۽ فلاحي سرگرمين جي ۾ مصروف رهڻ سندس خاصيت آهي ، ڪيترن ئي ادارن جي سرپرستي سندس ذمي آهي .اعليٰ تعليم يافتا آهي، ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪئي آهي . پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل به ڪئي اٿس .عالمي وبا ڪرونا وائرس دوران سندن مثالي ڪردار رهيو جنهن کي قومي ۽ عالمي سطح تي ساراهيو ويو .سندس ادارو عيسيٰ ليبارٽريز سڄي ملڪ ۾ مستند تصور ڪيو ويندو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔