پنجاب حڪومت جو وڏو قدم: ڪوهيڙي سبب جمعي ۽ ڇنڇر تي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب حڪومت وڏو قدم کڻندي ڪوهيڙي سبب جمعي ۽ ڇنڇر تي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪوهيڙي جي روڪٿام بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪوهيڙي کان بچاءُ وارن قدمن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاهور سميت پنجاب جي 10 ضلعن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن تعليمي ادارا بند رهندا. لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، سرگودها، ساهيوال ۽ ملتان ڊويزن ۾ تعليمي ادارا بند رهندا

اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته پنجاب حڪومت 10 هزار شاگردن کي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون سبسڊي تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان مارڪيٽن کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون. جمعي ۽ ڇنڇر تي مارڪيٽون ٻنپهرن جو 3 وڳي کلنديون جڏهن ته آچر جي ڏينهن مارڪيٽون مڪمل طور تي بند رهنديون.

محسن نقوي چيو ته ڪوهيڙي سبب متاثر ٿيل ضلعن ۾ هوٽلون به جمعي ۽ ڇنڇر تي 3 وڳي کان پوءِ کلنديون.  آچر جي ڏينهن مال روڊ صبح کان شام 5 وڳي تائين سائيڪلن وارن لاءِ کليل رهندو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته  ڪوهيڙي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مصنوعي برسات لاءِ به تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔