اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو جڊيشل رمانڊ منظور، اڊيالا جيل منتقل

اسلام آباد:  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو جڊيشل رمانڊ منظور ڪندي کيس اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد پوليس اسد قيصر کي جڊيشل مئجسٽريٽ قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ڪري جڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي

اسلام آباد پوليس ٻڌايو ته اسد قيصر کي خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه اسد قيصر جي گرفتاري گهري آهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته ڪنهن ٻئي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو اختيار اسلام آباد پوليس کي ڪنهن ڏنو آهي.  ٻڌڻي دوران عدالت اسد قيصر جو جڊيشل رمانڊ منظور ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه پوليس کي اسد قيصر جي حوالي سان قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪي پي ڪي پوليس پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري وٺي پر ان لاءِ هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت نه لڳي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔