9 مئي ڀڃ ڊاهه ڪيس: اعجاز چوڌري، ميان محمود سميت ٻين جوابدارن جو ٽرائل شروع

لاهور: 9 مئي ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ اعجاز چوڌري ۽ ميان محمودالرشيد سميت ٻين جوابدارن جو ٽرائيل شروع ٿي ويو آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڀڃ ڊاهه جي 4 ڪيسن ۾ جوابدارن جو ٽرائيل شروع ڪندي نامزد گرفتار جوابدارن کي 15 نومبر تي جيل مان طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت گرفتار نه ٿيندڙ جوابدارن بابت پراسيڪيوٽر کي  هدايتون ڏئي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن عدالت مسلم ليگ(ن) جو آفيس ساڙڻ، گلبرگ ۾ ڪنٽينر ساڙڻ جي ڪيسن ۾ به طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔