عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو

عدالت نيب ترميم ڪيس جي 31 آڪٽوبر واري ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نيب ترميم ۾ مُک درخواستگذار آهي

سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪمنامي جي ڪاپي اڊيالا جيل ۾ موجود پي ٽي آءِ چيئرمين کي پهچائي وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي فيصلي سان مشروط آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔