چيف جسٽس جا پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ بابت دلچسپ رمارڪس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ بابت دلچسپ رمارڪس ڏنا آهن

چيف جسٽس سوال  ڪيو ته ڇا ڪنهن کي اعتراض آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر سان مشاورت ڪري؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏنو ته رڳو پٿر تي درج ٿيل چونڊن جي تاريخ گهرجي، جڏهن ته فاروق ايچ نائڪ چيو ته ڪو  اعتراض ناهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڏسو اڄ اسان پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ  کي گڏ ڪري ڇڏيو، سڀاڻي اها سرخي نه لڳل هجي ته  پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جو اتحاد ٿي ويو آهي

اٽارني جنرل چيف جسٽس جي رمارڪس تي تبصرو ڪيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ اڳ ئي گڏ  آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔