عورت جي زندگي ۾ ايندڙ ٻيو مرد نانگ هوندو آهي: ناديه خان

ڪراچي :پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ناديه خان عورتن کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪنهن به صورت پنهنجي دل جو حال مردن جي آڏو نه رکن يا بريڪ اپ يا ڪو رشتو ختم ٿيڻ بعد ڪنهن به مرد جي آڏو نه روئين

تازو ئي ناديه خان نجي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن سان گڏ اداڪارا حبا علي ۽ ٻين عورتن به شرڪت ڪئي. گفتگو دوران ناديه خان معاشري ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جي طلاق ٿي وڃي يا ان جا لاڳاپا ڪنهن شخص سان ختم ٿي وڃن ته اها فوري طور تي ڪنهن به صورت ۾ ٻئي مرد سان رابطو نه رکي، ان حوالي سان پنهنجي دوست يا آفيس جي ڪوليگ کي نه ٻڌائي

هن چيو ته ايئن ڪرڻ سان سامهون وارو لازمي اوهان مان فائدو کڻندو، ڇو جو ان ڏکي وقت ۾ جيڪو مرد اوهان وٽ ايندو اهو، اوهان مان فائدو وٺڻ چاهيندو. اداڪارا عورتن جي زندگي ۾ ايندڙ اهڙن مردن کي نانگ قرارڏنو. سندس چوڻ هو ته عورتن کي اهڙن ئي مردن کان بچڻ گھرجي ۽ ان وقت ئي کين مضبوط ٿيڻ گھرجي

اداڪارا عورتن کي مشورو ڏنو ته سدائين رومانوي تعلق ختم ٿيڻ يا بريڪ اپ کان پوءِ خودمختيار بڻجو، پنهنجن پيرن تي بيهن پوءِ ان قسم جو واسطو ٻيهر رکن، عام طور تي عورتون پنهنجي اڳوڻي مڙس يا بواءِ فرينڊ کي ساڙڻ لاءِ رشتي ۾ اچي وينديون آهن ان کان پوءِ هنن کي پنهنجي ان غلطي جو احساس ٿيندو آهي پر تيستائين گھڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔