پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري سميت 19 جوابدار ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ 19 جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي

 آصف زرداري پاران سندس وڪيل ارشد تبريز عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل چيو ته معاهدي کان اڳ آصف زرداري پارڪ لين ۾ ڊائريڪٽر مقرر نه هو

 جج محمد بشير چيو ته اڄ نوٽيس جاري ڪيون ٿا، دليل ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻڌنداسين، عدالت ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 گذريل ڏينهن ساڳي احتساب عدالت آصف زرداري کي ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ به 18 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔