اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا فيض آباد ڌرڻي جو اصل ماسٽر مائينڊ ڪير هو: چيف جسٽس

اسلام آباد: فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڌرڻي جو اصل ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل آهن.

ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل منصور عثمان روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو ته پهريان گذريل ٻڌڻي جو حڪمنامو ڏسي وٺو. اٽارني جنرل گذريل ٻڌڻي جو حڪمنامو پڙهيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ابصار عالم هتي آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته اهو رستي ۾ آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ابصار عالم دفاع واري وزارت تي سنجيده الزام لڳايا آهن ڇا اوهان هاڻ به نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ چاهيو ٿا.

اٽارني جنرل چيو هڪ فيڪٽ فائينڊگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ابصار عالم جا الزام صحيح آهن ته اهو معاملو دفاع واري وزارت بابت آهي. فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ڪڏهن قائم ٿي آهي؟

اٽارني جنرل ٻڌايو ته فيڪسٽ فائنڊنگ ڪميٽي 19 آڪٽوبر تي قائم ڪئي وئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي؟ رپورٽ ڪنهن کي ڏني ويندي. اٽارني جنرل چيو ته ڪميٽي دفاع واري وزارت وٽ رپورٽ جمع ڪرائيندي. اجلاس 26 آڪٽوبر تي چڪو آهي. ڪميٽي رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪئي ويندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪميٽي ٽي آر اوز ذريعي سمورن ماڻهن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس حڪومت جي فيڪڊنگ فائنڊنگ ڪميٽي کي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتي فيصلي کان پوءِ ملڪ آئين تي هلي رهيو آهي؟ ڇا اوهان گارنٽي ڏئي سگهو ٿا ته اڄ ملڪ آئين موجب هلي رهيو آهي.؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلي تي اڄ تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو، هڪ صاحب ٻاهر کان امپورٽ ٿيو ۽  واپس هليو ويو. ڌرڻو اوچتو ناهي ٿيو. ڌرڻي جا انتظام ڪير سنڀالي رهيو هو ۽ ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ ڪميٽي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه ورتي آهي. اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڌرڻي جو اصل ماسٽر مائينڊ ڪير هو. اربين روپين جو نقصان ٿيو پر سرڪار کي پرواهه نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪيناڊا مان ماڻهو هتي اچي ڌرڻو هڻن ته کانئن ڪير نه پڇندو، ڇا پاڪستاني ڪيناڊا وڃي اهڙا ڌرڻا هڻي سگهن ٿا پاڪستان ۾ ڪير به نه ٿو پڇي چاهي جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ دوبئي هليا وڃو يا ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃو. فيض آباد ڌرڻي جو مقصد حڪومت جي خلاف سازش هئي، اصلي مسلمانن کي اهڙن ماڻهن کان ڊڄڻ نه گهرجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيستائين ملڪ آئين موجب نه هلندو ماڻهن جون پريشانيون حل نه ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔