اسلام آباد ۾ غزه مارچ: جماعت اسلامي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

اسلام آباد:  اسلام آباد انتظاميه جماعت اسلامي کي آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران غزه مارچ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سڀاڻي (آچر) تي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سامهون غزه مارچ جو اعلان  ڪيو آهي پر انتظاميه ڊپلوميٽڪ انڪليو ويجهو مارچ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد پوليس ۽ ايف سي غزه يڪجهتي مارچ جي تيارين کي روڪيندي ريڊ زون تان اسٽيج ۽ سائونڊ سسٽم سميت ٻيو سامان قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مزاحمت ڪئي ته پوليس جماعت اسلامي اسلام آباد جي امير نصرالله رندهاوا سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي طرف اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته سري نگر هاءِ وي بند ڪرڻ تي ڪجهه ماڻهن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون آهن. ڪنهن به سياسي پارٽي کي اسلام آباد ۾ روڊ ۽ رستا بند ڪرڻ جي  اجازت نه آهي. قلم 144 لاڳو هجڻ سبب اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن جي اجازت نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔