5 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي، انگ 82 هزار ٿي ويو

اسلام آباد:غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ڏنل ڊيڊ لائين ۾ 3 ڏينهن رهجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ افغان شهرين جي ملڪ جو واپسي جو سلسلو جاري آهي. وڌيڪ 5046 افغان شهري پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس هليا ويا آهن.

ذريعن موجب واپس ويندڙ افغانين ۾ 1241 مرد، 1002 عورتون ۽ 2753 ٻار شامل هئا. افغانستان روانگي جي لاءِ 153 گاڏين ۾ 310 خاندانن جي ملڪ واپسي عمل ۾ آندي وئي آهي. هينئر تائين 81 هزار 974 افغان پناهگير پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ مختلف آبادين ۾ اسڪيننگ ۽ پرڏيهي ماڻهن جي گڏجاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ماڻهن وٽ موجود دستاويزات جي جانچ پڙتال جو سلسلو جاري آهي. پهرين مرحلي ۾ دستاويزات نه رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

گرفتار ڪيل غيرقانوني پرڏيهين جي لاءِ هولڊنگ ايرياز ۽ عارضي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. هر ڪيمپ ۾ رجسٽريشن ڊيسڪ تي ايف آءِ اي جو عملو مصروف عمل رهندو. رجسٽريشن ڊيسڪ تي نادرا جو  سافٽ ويئر بارڊر مينجمينٽ سسٽم سان جڙيل آهي. غيرقانوني پرڏيهين سان ڪاروبار يا پناهه ڏيڻ تي به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔