پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

لاهور: لاهور جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي جوڊيشل مئسجٽريٽ پرويز الاهي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ڀرتين ۾ بدعنواني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت جي آڏو پيش ڪيو ۽ 12 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي.

اينٽي ڪرپشن اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي ان ڪري عدالت ريمانڊ ڏئي.

ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته  درخواستگذار موجب اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پرويز الاهي کي سندس رهائشگاهه تان کڻي وئي ۽ پرويز الاهي پنهنجي بيڊروم جي دراز ۾ 41 لک روپيه ريڪور ڪرايا. داخل ڪيل درخواست ۾ وقت جو ذڪر نه آهي نه ئي ٿاڻي کان روانگي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

پرويز الاهي جي وڪيل پنهنجي موڪل جي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي ان جي ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته هڪ رويپيو به ڪرپشن نه ڪئي آهي، خبر نه آهي منهنجي مٿان رڪوري جا الزام ڪيئن لڳايا ويا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته مون پنهنجي سموري زندگي الله جي رضا لاءِ ڪم ڪيو آهي مون عوام جي خدمت ڪئي آهي. اها شهباز شريف واري خدمت نه آهي. رات جو مون وٽ ڪوبه ماڻهو نه آيو، خبر نه آهي ته ڪٿان کان ريڪوري کڻي آيا.

پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته مان سڄي رات اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ ستل هئس. هتي اچڻ کان پوءِ خبر پئي ته  منهنجي خلاف رڪوري ڪئي وئي آهي. هي سڀ پنهنجون نوڪريون پڪيون ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. سڀني کان وڌيڪ نوڪريون به مون ڏنيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔