ڪراچي ۾ 50 ملين کان وڌيڪ ڊالر گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڊالرز مافيا طرفان 50 ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن کان پوءِ ڳجهن ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڳجهن ادارن مختلف بينڪن ۽ مني چينجرز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي ان کان علاوه آمريڪي ڊالرز سميت ٻئي پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن جون لستون به جوڙيون ويون آهن.

ذريعن موجب ڪراچي جي وڏين مڇين اڃان تائين 50 ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز ۽ ٻئي پرڏيهي ڪرنسي واپس جمع نه ڪرائي آهي. مافياز جي  فهرست ۾ شامل ماڻهو اولڊ سٽي ايريا جي علائقي لياري، کهارادر، ميٺادر، باٿ آئي لينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ٻين علائقن جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

ذريعن موجب جوڙيل فهرستن ۾ شامل ماڻهن جي گهرن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔