سائفر ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 4 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سائفر ڪيس جو چالان جمع ٿيڻ کان پوءِ جج ابوالحسنات ذوالقرنين نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته گواهن جا بيان جوابدان کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. عدالت قرار ڏنو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ٻنهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو.

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل خالد يوسف طرفان داخل سائفر ڪيس جي نقل ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالتي عملي چيو  آهي ته چالان جي ڪاپي هڪ ڏينهن کان پوءِ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔