ماڙي جلباڻي واقعي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي

سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو يوو، وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا

حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به وڪيلن احتجاج ڪيو

قمبر، ڪنري ۽ ميهڙ ۾ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو

سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ بي گناهه ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن جي گرفتاري تائين خاموش ٿي نه ويهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔