چڙڏيارڻ وارو تقريرڪيس: مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف عدالت ۾ پيش نه ٿيا

لاهور: لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت(ن) ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف کي چڙ ڏيارڻ واري تقرير ڪرڻ جي ڪيس ۾ ٻيهر عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾(ن) ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف سميت ٻين خلاف چڙ ڏياريڻ واري تقرير  ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي جج عبهر گل خان ڪئي

عدالت طرفان جاويد لطيف، مريم اورنگزيب سميت ٻين جوابدارن کي 11 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

عدالت ۾ سهيل خان ايم ڊي پي ٽي وي ۽ راشد بيگ پروفيسر پي ٽي وي طرفان وڪيل ذيشان غني پيش ٿيو. جڏهن ته مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف طرفان وڪيل پيش نه ٿيا.

دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان مريم اورنگزيب، جاويد لطيف سميت ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت پوليس جي جوابدارن کي ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

هوڏانهن عدالت(ن) ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ ميان جاويد لطيف کي چڙ ڏيارڻ  واري تقرير ڪرڻ جي ڪيس ۾ اڄ طلب ڪيو هو.

ياد رهي ته جوابدارن خلاف لاهور جي گرين ٽائون ٿاڻي ۾ 2022 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدارن  مٿان رياست مخالف تقرير ۽ بيان ڏيڻ جو الزام آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔