خيبرپختونخواهه جي انتهائي گهربل دهشتگردن جي فهرست جاري، لکين روپيه انعام مقرر

پشاور: دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) خيبرپختونخواهه جي انتهائي گهربل دهشتگردن جي ٻئي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

سي ٽي ڊي طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ 30 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون شامل آهن جن جو تعلق بنون، لکي مروت، ڊي آءِ خان ۽ ٻين ضلعن سان آهي.

فهرست ۾ بنون ۽ لکي مروت جا 13-13 دهشتگرد شامل آهن. هر دهشتگرد جي مٿان 3 لک کان 50 لک روپين تائين انعام مقرر ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي ڪي پي ڪي طرفان جاري ڪيل فهرست موجب لکي مروت سان تعلق رکندڙ دهشتگرد حبيب الله جي مٿان 50 لک روپيه قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بنون جي دهشتگرد ڪمانڊر مولوي نعمت الله جي مٿان 40 لک روپيه قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب انتهائي گهربل دهشتگردن جي اطلاع ڏيندڙ ماڻهو جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. ياد رهي ته ان کان اڳ دهشتگردي جي انت واري اداري سي ٽي ڊي 135 انتهائي گهربل دهشتگردن جي پهرين لسٽ جاري ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔