چيف جسٽس وقت ضايع ڪرڻ تي انڪم ٽيڪس جي ڪمشنر مٿان 10 هزار روپين جو ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي انڪم ٽيڪس جي ڪمشنر مٿان  10 هزار روپين جو ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ انڪم ٽيڪس ڪمشنر جي ٽيڪس جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت اهم دليل ڏنا.

ان دوران  عدالت انڪم ٽيڪس جي ڪمشنر کي عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي 10 هزار روپين جو ڏنڊ لڳائي ڇڏيو ۽ هڪ هفتي ۾ ڏنڊ ڪنهن فلاحي اداري کي ادا ڪري رسيد جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ايف بي آر کي سمورا آرڊر ۽ نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. عدالت چيو ته ٽيڪس وصولي جي سڀني کان وڏي اداري ايف بي آر کي شفاف هجڻ گهرجي. ايف بي آر شفاف نه هوندو ته عوام جو ڀروسو ڪيئن حاصل ڪندو؟ ايف بي آر شفاف نه هوندو ته عوام کي ٽيڪس ادا ڪرڻ تي ڪيئن راضي ڪندو؟ جنهن کان پوءِ عدالت ڪمشنر ان لينڊ روينيو ايف بي آر جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔