فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار حنا شاهه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش

راڻيپور ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار حنا شاهه کي خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جوابدار حنا شاهه روپوش رهڻ بعد گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ گرفتاري پيش ڪئي هئي، ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار ڄاڻايل جوابدار فياض شاهه ۽ منصور بٽ کي به دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

 جوابدارن جي پيشيءَ  جي موقعي تي عدالت اندر توڙي ٻاهر سڪيورٽي جا انتظام سخت، راڻيپور پوليس ڌمڪين ڪيس ۾ گرفتار ڪيل فياض شاهه جي فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتاري اڃا ظاهر نه ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔