نوازشريف جي پاڪستان واپس اچڻ کان اڳ سعودي عرب وڃڻ جو امڪان

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف طرفان پاڪستان اچڻ کان اڳ سعودي عرب وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي ملڪ واپسي جي معاملي بابت اها ڳالهه سامهون  آئي آهي ته امڪان آهي ته نوازشريف ملڪ واپس اچڻ کان اڳ وچ اوڀر جي 3 ملڪن جو دورو ڪندو.

پارٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته نوازشريف پاڪستان پهچڻ کان اڳ سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ قطر جو دورو ڪري سگهي ٿو. نوازشريف جي مذڪوره ملڪن جي دورن بابت انتظام ڪيا پيا وڃن. مريم نواز سميت ڪيترائي اهم اڳواڻ ساڻس گڏ هوندا.

پارٽي ذريعن موجب نوازشريف انهن ملڪن سان پاڪستان ۾ اربين ڊالرز جي سرمائيڪاري وارن معاملن کي اڳيان  وڌائيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔