اسٽيٽ بئنڪ پاران عيد تي نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عيد الفطر تي ڪرنسي جا نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملازمن کي به نوان ڪرنسي نوٽ جاري نه ڪيا ويندا .اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ڪرونا وائرس کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ اپاءَ طور ڪيو ويو آهي . واضح رهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هر عيد تي نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪندي آهي ، جيڪي هن ڀيري جاري نه ڪيا ويندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔