مريم اورنگزيب شهباز شريف بابت نيب الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف نيب جي سمورن سوالن جا جواب ڏنا ۽ لکت ۾ جمع پڻ ڪرايا آهن ، نيب شهباز شريف بابت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ، هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران صاحب اوهان کي هيلي ڪاپٽر ڪيس ۽ اٽي کنڊ چوري ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ، پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب نيب جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته شهباز شريف کان مني لانڊرنگ بابت ڪو به سوال نه ڪيو ويو. هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي، هن چيو ته عمران صاحب سياسي انتقام جي سازش کي ڇڏي قوم جي خدمت ڪريو . ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهبازشريف جو ڏوهه نااهل ۽ اٽي کنڊ جي چورن جي نالائقي ۽ ڌاڙي کي بي نقاب ڪرڻ آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔