پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 462 ماڻهو فوت ،20 هزار کان مٿي متاثر

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 462 ٿي ويو، جڏهن ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌي 20 هزار 186 تائين پهچي ويو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 هزار83 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي آهي ۽ 22 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا جا پنج هزار 590 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ ڪرونا جا هن وقت تائين 7 هزار 465 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پنجاب مان 7 هزار 524، خيبرپختونخواه مان 3 هزار 129، بلوچستان مان 218 ، اسلام آباد مان 415 ، آزاد ڪشمير مان 71 ۽ گلگت بلتستان مان 364 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي .خيبر پختونخواه ۾ ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ 180 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي 173 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي  آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔