ڪورونا ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حڪومتي رپورٽن مان نا خوش

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي رپورٽن تي عدم اطمينان ظاهر ڪري ڇڏيو ،چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪم ڪجهه نه ڪيو ويو رڳو هڪ ٻئي تي ذميواري اڇلي پئي وڃي، ڪنهن به شيءِ ۾ شفافيت ناهي، جيڪڏهن هول سيل ۾ ورتو وڃي ته ٻن رپين ۾ ماسڪ ملندو آهي ، انهن شين تي اربين رپيا ڪيئن پيا خرچ ڪيا وڃن، نيب ، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڇا پيا ڪن؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ بينچ ڪئي .چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪِٽس تي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ، ڪووِڊ 19 جي خرچن جي آڊٽ ٿيندي ته اصل ڳالهه پوءِ ئي آڏو اچي سگهندي . چيف جسٽس صحت واري سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ادارا ڪهڙو ڪم ڪن پيا ، اهو نه ٻڌايو ويو،  اين ڊي ايم اي جي رپورٽ آئي پر ان ۾ ڪجه به واضح ناهي . چيف جسٽس صحت واري سيڪريٽري کي چيو ته اوهان هتان جي ڀيٽ آمريڪا سان ڇوپيا ڪريو. جسٽس سجاد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪوبه صوبو پاليسي سان نه آيو آهي .عدالت رستن جي بند ٿيڻ سان عوام جي ڏکيائين تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ٽرڪن ۾ لڪي سفر ڪيو پيو وڃي ، ماڻهو ملڪ اندر سفر ڪرڻ لاءِ هوائي ٽڪيٽ جيترا پئسا پيا ڀرين ، ظاهري طور تي لڳي ٿو ته سڀ ايگزيڪيٽو ناڪام ٿي چڪا آهن .جسٽس عمر بنديال ريمارڪس ۾ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ عدم تعاون جو سبب غرور ۽ اَنا آهي ، هڪ هفتي جو وقت ڏيون ٿا ڪرونا تي هڪ پاليسي جوڙي وڃي .جسٽس قاضي امين چيو ته شهرين جي موت تي سوال پڇڻ اسان جي آئيني ذميواري ناهي ؟ ٻاهر ڪير ڇاٿو چوي اسان جو ان سان ڪو واسطو ناهي ،جسٽس عمر بنديال چيو ته ذاتي اَنا جي ڪري وفاق جو نقصان ٿي رهيو آهي .چيف جسٽس پاران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جمع ڪرايل رپورٽن تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي کين هدايت ڪئي وئي ته ڪرونا بابت هڪ پاليسي جوڙي وڃي ، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔