پاڪستان گلگت بلتستان بابت ڀارتي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان گلگت بلتستان بابت ڀارتي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت ائين ڪرڻ سان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن تي پردو نه ٿو وجهي سگهي . ذريعن موجب سينئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس گهرائي پاڪستان پاران گلگت بلتستان بابت ڀارتي دعويٰ تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو .پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشا فاروقي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي آگاه ڪيو ويو آهي ته گلگت بلتستان تي ڀارتي دعويٰ جي ڪابه حيثيت ناهي ،  گلگت بلتستان بابت ڀارتي دعويٰ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تي پردو وجهڻ جي هڪ سازش آهي ،عالمي برادري کي ان پاسي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي . هن گُهر ڪئي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني کنيل قدم واپس وٺي جڏهن ته پابنديون ۽ مواصلاتي بليڪ آئوٽ به ختم ڪيو وڃي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔