وزيراعظم عمران خان پاران لاڪ ڊائون مرحليوار کولڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاران ملڪ ۾ لاڪ ڊائون مرحليوارکولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .اسلام آباد ۾ ٽائيگر فورس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کولڻو آهي ، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، ٽائيگر فورس ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندي . سندس چوڻ هو ته وائرس سبب سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پئجي ويو ،ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ ۽ عام ماڻهو لاڪ ڊائون سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي ڪورونا کان بچائڻو ۽ روزگار به پيدا ڪرڻو آهي ، لاڪ ڊائون جي ڪري تمام گهڻا ماڻهو متاثر ٿيا آهن.هن چيوته  ٽائيگر فورس انتظاميا سان ملي ڪري ڪم ڪندي . ٽائيگرفورس بيروزگارٿيندڙن جي رجسٽريشن ڪندي ، مستحق بيروزگارن کي احساس پروگرام مان ڪيش ڏني ويندي .وزيراعظم جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون جي ڪري ملڪ ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن، عوام ذخيرو ڪندڙن خلاف انتظاميا وٽ شڪايتون لکرائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔