سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 8 مريض موت جو کاڄ بڻيا

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 130 ٿي ويو آهي . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ ڪرونا جا 3032 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن ، سنڌ ۾ هن وقت مجموعي طور تي ٽيسٽ ڪيل ماڻهن جو انگ 64 هزار 52 آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 363 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي .هن چيو ته ماڻهوپنهنجي گهرن ۾ ڪونه ٿا ويهن جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن ڪيس وڌي رهيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔