ڀارتي جارحيت خلاف هر فورم تي آواز اٿاربو: شاهه محمود قريشي

لاهور: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت سارڪ اداري کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي ، ڀارتي رويي جي خلاف سڪيورٽي ڪائونسل کي خط لکيو آهي ۽ هر فورم تي ڀارت جارحيت خلاف آواز اٿاريو ويندو . لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت کي اهو احساس ئي ناهي ته اسان جا چين سان ڪهڙا واسطا آهن ، چين اسان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي .پرڏيهي وزير اهو به چيو ته هن وقت ڪرونا سڄي دنيا جو مسئلو آهي ، اسان کي به ڪرونا سان گڏ غربت کي به منهن ڏيڻو آهي ، سندس چوڻ هو ته ملڪ هڪ سال تائين لاڪ ڊائون جي سَٽ نه ٿو سهي سگهي ، دعا آهي ته اسان جي ڪرونا وائرس مان جلد جند ڇُٽيَ

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔