نيب لاهور شهباز شريف کي سڀاڻي وري گهرائي ورتو

لاهور:نيب لاهور آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي سڀاڻي گهرائي ورتو آهي ، شهباز شريف کي سڀاڻي نيب لاهور آفيس ۾ گهربل دستاويزن سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب لاهور اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ان کان اڳ به ٻه ڀيرا طلب ڪيو هو پر هن ڪورونا جي خدشي جي ڪري اچڻ کان معذرت ڪئي هئي ،ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب بيورو شهباز شريف جي موڪليل جواب مان مطمئن ناهي جنهن ڪري انهن شهباز شريف کي ذاتي طور پيش ٿي قانون موجب گهربل ڄاڻ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جاچ ۾ قومي اداري سان سهڪار ڪري ۽ ذاتي حيثيت سان پيش ٿئي . نيب شهباز شريف کان وراثت ۾ مليل ملڪيت جا تفصيل به گهريا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔