حڪومت 5 مهينن ۾ ڪيترن ارب ڊالرن جو ٻاهران قرض ورتو، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: حڪومت طرفان جاري مالي سال جي 5 مهينن ۾ ڪيترن ارب ڊالرن جو ٻاهران قرض ورتو، انهي حوالي سان تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي ذريعن موجب هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 5 مهينن(جولاءِ کان نومبر) ۾ پاڪستان 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٻاهران قرض حاصل ڪيو آهي. پاڪستان کي گذريل سال جي مقابلي ۾ 13.64 سيڪڙو يا 36 ڪروڙ 40 لک ڊالرز وڌيڪ فنڊ مليا آهن.

ذريعن موجب عالمي مالياتي ادارن 1.25 ارب ڊالر ۽ مختلف ملڪن 80 ڪروڙ 76 لک ڊالر فراهم ڪيا آهن اهڙي طرح نئين پاڪستان سرٽِفڪيٽ ۾ 96 ڪروڙ 59 لک ڊالر جي سرمائيڪاري آئي ياد رهي ته گذريل سال شروعاتي 5 مهينن ۾ 2 ارب 66 ڪروڙ ڊالر جو ٻاهريون قرض حاصل ٿيو هو.

هن سال عالمي بينڪ اي ڊي بي اسلامي ترقياتي بينڪ ۽ سعودي عرب سڀني کان وڌيڪ قرض ڏنو آهي. 5 مهينن ۾ حاصل قرض جي پاڪستاني ڪرنسي ۾ ماليت 858 ارب 27 ڪروڙ روپيه آهي، جيڪا گذريل سال انهي مدي ۾ ملندڙ 741 ارب روپين جي مقابلي 117 ارب روپيه وڌيڪ آهي.

ذريعن ٻڌايو ته نان پراجيڪٽ ايڊ جي مد ۾ 5.31 ارب روپين کان وڌيڪ قرض مليو. انهي ۾ بجيٽ سپورٽ جي لاءِ 27.3 ارب روپين کان وڌيڪ قرض ورتو ويو. اهڙي طرح اسلامي ترقياتي بينڪ 109 ارب روپين جو شارٽ ٽرم قرض ڏنو.

مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ 141 ارب 76 ڪروڙ روپين جي سعودي آئل فيسيلٽي حاصل ٿي. سعودي آئل جي اها سهوليت 50 ڪروڙ ڊالر جي برابر آهي. انهي کان علاوه مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ 327 ارب روپين کان وڌيڪ قرض ورتو ويو.

پاڪستان کي جولاءِ کان نومبر جي دوران 15 ارب 32 ڪروڙ روپين جي گرانٽ ملي. هلندڙ مالي سال گڏيل طور تي تقريبن 20 ارب ڊالر جي ٻاهرين مالي مدد جو اشارو ڏنو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔