راولپنڊي: آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ منعقد ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هن مسيحي برادري سان خوشين ڀري انهي موقعي تي کين مبارڪباد پڻ ڏني.
بيان موجب انهي موقعي تي هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جي دلي مبارڪباد ڏني. فيلڊ مارشل امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهي جي مساوات، آزادي ۽ مذهبي رواداري جي وزن کي اجاگر ڪيو. فيلڊ مارشل اقليتن جي حقن جي تحفظ کي پاڪستان جي نظريئي جي بنيادي اساس قرار ڏنو.
چرچ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي فيلڊ مارشل قومي ترقي ۽ سلامتي ۾ پاڪستاني مسيحن جي فخر جوڳي ڪردار جي تعريف ڪئي جنهن هر نسل کان پاڪ فوج ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. هن عالمي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ قومي يڪجهتي جي اهميت تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت انهي جا مساوي موقعا ۽ آئيني اقدار آهن جيڪي مذهب، نسل، ذات ۽ عقيدي کان مٿانهان آهن. چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس اسٽاف انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج آئين پاڪستان جي تحت سمورن شهرين جي عزت، سلامتي ۽ مساوي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر موجب مسيحي برادري جي اڳواڻن فيلڊ مارشل جي دوري تي اظهار تشڪر ڪيو، ملڪي دفاع، مذهبي هم آهنگي ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔