سنڌ سرڪار پاران سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا بابت ڪيس ۾ جواب جمع

اسلام آباد : سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا بابت ٻڌڻي دوران پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ،سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ايس او پيز تحت صنعتي يونٽ کولڻ جي اجازت ڏني آهي ، سرڪارپاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي 11 يوسيز کي سِيل نه ڪيو وڃي ها ته ڪرونا جا ڪيس وڌي وڃن ها . سنڌ سرڪار ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻ پوري انتظامن خلاف پاڻ مرادو نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ته ڪرونا رليف فنڊز تحت هيل تائين 2041 ملين رپين جا فنڊ گڏ ڪيا ويا ، عدالت کي ٻڌايو ويو ته ديني مدرسن هيلٿ ڪيئر ، سوشل ويلفئر ۽ غريب نياڻين جي شادي لاءِ 203 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔