سنڌ جي مختلف شهرن ۾فصلن تي ماڪڙ جا حملا جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جا ٻيهر حملا جاري آهن،ماڪڙ جي هاڻوڪي حملن ۾ ڪڻڪ ۽ سبزين جا فصل تباهه ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ، آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيڻ جي خدشي سبب مٿي تي هٿ اچي ويا آهن،راڻي پور، گمبٽ ، پيرجو ڳوٺ، محرابپور، ڀٽ شاهه ، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي. ماڪڙ جا جٿا ڪڻڪ ، وونئڻ ، جوئر ، ڀينڊي ، پالڪ، واڱڻ ، ڪمند، لوسڻ ،مرچ، کجي ۽ انبن جي باغن تي حملو ڪري انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو ، آبادگارن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي کان ماڪڙ انهن جا فصل کائي تباهه ڪيا آهن پر هن وقت تائين زراعت کاتي وارن ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن ،جنهن ڪري انهن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي . آبادگارن سنڌ توڙي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ زراعت کي وڏو هاڃو رسڻ جو امڪان آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔