ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 28 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 28 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ 514 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس آڏو اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جوانگ 22063 ٿي ويو آهي. هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواه مان آڏو آيون آهن، جتي ڪرونا سبب 194 ماڻهو پنهنجون جانيون ضايع ڪري ويٺا ، جڏهن ته سنڌ ۾ 148 ۽پنجاب ۾ 144 ماڻهو ڪرونا جي ور چڙهي فوت ٿي ويا . ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 21، اسلام آباد ۾ 4 ۽گلگت بلتستان ۾ 3 ماڻهو موت مار بيماري جو کاڄ بڻجي ويا. اڄ سڄي ملڪ ۾ڪرونا جا وڌيڪ 611 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 28 فوتگيون سامهون آيون آهن ، جن ۾ سنڌ ۾ 307 ڪيس ۽ 11 ماڻهو فوت ، پنجاب مان 30 ڪيس ، 8 فوتگيون ، خيبرپختونخواه مان 211 ڪيس ۽ 9 فوتگيون ،اسلام آباد مان 94 ڪيس ۽ گلگت بلتستان مان 14 ڪيس سامهون آيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔