وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي تجويز

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ  لاءِ جاري لاڪ ڊائون ۾نرمي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي .وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ، سياسي ۽ڪرونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا به ڪيا ويا .ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا مڪمل ختم ڪرڻ تي حتمي صلاح مشورو پورو ڪيو ويو ۽ ميمبرن پاران لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب ڪابينا جي ميمبرن  جي اڪثريت لاڪ ڊائون جي حوالي سان وزيراعظم جي موقف سان اتفاف ڪيو ،  جڏهن ته وزيراعظم جو چوڻ هو ته چاهيان ٿو ته لاڪ ڊائون جلد ختم ٿئي پر احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڪاروبار تي کوليو ويندو پر  ڏنل ضابطن تي ڀرپور عمل ڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔