ريلوي پاران 10 مئي کان خاص ريل گاڏيون هلائڻ جون تياريون

لاهور: ريلوي پاران 10مئي کان30 خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، خاص ريل گاڏيون هلائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن . 9 مئي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران لاڪ ڊائون ۾امڪاني نرمي کانپوءِ ٽرين آپريشن ڪجهه بحال ڪئي ويندي پر آخري منظوري وزيراعظم عمران خان ئي ڏيندو . ذريعن موجب ريلوي واري وزارت 10 مئي کان ڪجه ريلوي آپريشن بحال ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي.  8 مئي تي وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ آخري فيصلو ڪيو ويندو. ٽرين آپريشن جي بحالي جي حوالي سان ريلوي واري وزارت پاران  هدايت ڪئي وئي  آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان گڏ 10 مئي کان بين الصوبائي جزوي ٽرين آپريشن بحال ڪئي ويندي . خط ۾ اهو چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ لائن تي 28 کان 30 خاص ريل گاڏيون هلايون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔