قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، سيد فخر امام جي سربراهي ۾ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن ٽپهري جو گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .هن ٻڌايو ته اجلاس ڏيڍ کان ٻن ڪلاڪن تائين هلندو ، اسپيشل سيشن رڳو ڪووِڊ 19 بابت هوندو جنهن ۾ ڪو به سوالن جو وقفو ، استحقاق واري رٿ يا التوا واري رٿ نه هوندي . پرڏيهي وزير چيو ته اهو به فيصلو ٿيو آهي  ته اجلاس ۾ ڪورم جي نشاندهي نه ڪئي ويندي ، پريس گيلري کان سواءِ ٻي ڪا به گيلري نه کولي ويندي . شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ان اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي حوالي سان گڏيل اتفاق پيدا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔