سنڌ جي وڏي وزير جو سنڌ ۾ لاڪ ڊائون برقرار رکڻ جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزيرمراد علي شاهه سنڌ ۾ جاري لاڪ ڊائون برقراررکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان کي جذباتي فيصلا ناهن ڪرڻا، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ برقرار رهندو، رهائشي علائقن ۾ ننڍا دڪان کليل رهندا، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 176 ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 598 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪورونا متاثرن جو انگ 9691 ٿي ويو آهي، وڏي وزير پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي آهي، هن وقت 91 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 24ڪلاڪن دوران 87 مريضن صحتياب ٿيا، هن چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته اسان خوف ۾ اچي لاڪ ڊائون ڪيو، اهو به چوڻ غلط آهي ته سنڌ حڪومت آئسوليشن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، وفاق 14 اپريل تي لاڪ ڊائون ۾ واڌ جو اعلان ڪيو، هر صوبي چيو ته لاڪ ڊائون جو فائدو ٿيو آهي، جذباتي ٿي فيصلا ڪيا ته غلطي هوندي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جاري رهندو، ان سان ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔