ملڪ ۾ سڀاڻي کان مرحليوار لاڪ ڊائون ختم ٿي ويندو

وفاقي سرڪار جي اعلان تحت سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان مرحليوار لاڪ ڊائون ختم ٿي ويندو، سڌ سماءُ واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته لاڪ ڊائون کولڻ تي عوام سهڪار ڪري. وزيراعظم عمران خان پاران سڀاڻي کان لاڪ ڊائون مرحليوار ختم ڪرڻ واري اعلان تي پائيپ ملز، اسٽيل، پينٽ، مينيوفيڪچرنگ يونٽس، اليڪٽرڪل ڪيبل ۽ هارڊويئر جون صنعتون توڙي دُڪان صبح جو کُلي ويندا. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز لاڪ ڊائون کولڻ ۾ ڪاميابي لاءِ عوام کي سهڪار تي زور ڀريو آهي. وفاقي وزير چيو آهي ته ڪاروبار شعبي لاءِ تيار ڪيل ايس او پيز سختي سان عمل ڪرڻو آهي، احتياط نه ٿيو ته ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔