ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ماڻهو فوت

ڪراچي :ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 594، جڏهن ته متاثرن جو انگ 25 هزار 837 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 35 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 1764 نوان ڪيس سامهون آيا. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ڪورونا وائرس جا 7 هزار 530 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ڪورونا مريضن جو انگ 9 هزار 93 آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾1725 ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. پنجاب ۾10 هزار 33 شهري ڪورونا وائرس جو شڪار آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ڪورونا مريضن جو انگ 558 آهي. اين سي او سي موجب ڪي پي ۾ 3 هزار 956 ، گلگت بلتستان ۾ 394 ۽ آزاد ڪشمير ۾78 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔