سنڌ ۾ ماڪڙ جا هاڃا جاري،مختلف شهرن ۾ ڪٽڪ پهچي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ ماڪڙ جا هاڃا جاري آهن، مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، ڪوٽڙي، اسلام ڪوٽ، ٿاڻو بولا خان ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي، ماڪڙ ميوون، ڀينڊين ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهچائي رهي آهي، جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ ڀاڄين جي فصل ۽ ميون جي وڻن کي کائي تباهه ڪري رهي آهي، ماڪڙ جا ڪٽڪ لاڙڪاڻي، دادو، ميهڙ، ڏوڪري، وارهه، قمبر توڙي ٻين شهرن ۾ ماڪڙ پهتل آهي، ماڪڙ جا ڪٽڪ ڇتين تي، شهرن ۾ توڙي ٻنين ۾ وڻن کي ماڪڙ کائي رهي آهي، شهري اهڙي صورتحال ۾ پريشان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔