سموري ملڪ ۾ اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي

وفاقي حڪومت جي اعلان بعد سموري ملڪ ۾ اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي، ننڍيون مارڪيٽون ۽ دڪان کلڻ شروع ٿي ويا آهن، سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪريانه ۽ ميڊيڪل اسٽورن کانسواءِ باقي سمورا دڪان هفتي ۾ 2 ڏينهن بند رهندا، ڪاوباري شعبي کي طريقيڪار تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، احتياط نه ڪيو ويو ته ٻيهر لاڪ ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سومر کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي ويندي، اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سختي رهندي، اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليس، توڙي ٽريفڪ اهلڪارن لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا چالان ڪاٽيا ويا، پوليس اهلڪارن چيڪنگ ۽ ڪجهه وقت لائن ۾ بيهارڻ بعد ماڻهن کي ڇڏي ڏنو۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔