ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 24ڄڻا فوت، 27474 متاثر

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌي رهيا آهن.سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 27 هزار 485 تائين پهچي ويو. هڪ ئي ڏينهن ۾ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 618 ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب هينئر تائين پنجاب، بلوچستان، گلگت ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 619 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل مريضن جو انگ 27474 تائين پهچي ويو آهي. هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 221 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ 191 ۽ سنڌ ۾ 176 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 24، اسلام آباد 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا موذي وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. ڇنڇر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 668 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان پنجاب ۾ 438، بلوچستان 151، اسلام آباد 51، گلگت بلتستان 27 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔