شهباز شريف کي لنڊن واپس وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهندي: شيخ رشيد

لاهور: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عيد کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن نيب جي وڪڙ ۾ ايندي. لاهور ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏي پيماني تي نيب کي ٽارزن بنجندي ڏسي رهيو آهيان جيڪڏهن نيب هاڻ به نه بڻيو ته پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو. عيد کان پوءِ حڪومتي اڳواڻ به نشاني تي اچي سگهن ٿا. ٽارزن جي واپسي ٿيندي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ٻئي ڪيس ڏسندو.حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي طرفن کان ماڻهو نيب جي وڪڙ ۾ ايندا. شيخ رشيد چيو آهي ته نيب شهباز شريف کان جاچ ۽ پڇاڳاڇا ڪئي. نيب جيترا سوال ڪيا ان ۾ هن چيو ته مان ڪاغذ لنڊن ۾ وساري آيو آهيان. مون کي نٿو لڳي ته شهباز شريف کي لنڊن واپس وڃڻ جي اجازت ملندي. شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن شوگرملن جي فرانزڪ رپورٽ آئي عمران خان ايڪشن کڻندو.ان حوالي سان ڪارروائي ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي ڇو ته عمران خان ان جو واعدو ڪيو آهي. ڪرائي جي بجلي گهرن بابت جاچ ۾ پنج ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا هي معاملو غور هيٺ آهي. هن وقت جاچ ڪميشن جو انچارج جج مقرر ٿيڻو آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ريلوي حادثن تي کاتي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ان جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي ملوث ڪنهن شخص کي نه ڇڏينداسين ۽ سينئر آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته (ق) ليگ جا چوڌري ڀائر اسان جا ڀائر آهن انهن جي خلاف ڪجهه نه ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔