سنڌ ۾ پهريون ڀيرو 24 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ 1080 ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 24 ڪلاڪن ۾ سڀني کان وڌيڪ هڪ هزار 80 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 10 هزار 771 ٿي ويو آهي جڏهن ته اڄ ڪورونا جا 4 مريض فوت ٿي ويا آهن. اهڙي فوت فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 180 ٿي ويو آهي.هن چيو ته اسان 5 هزار 496 ٽيسٽ ڪيا جنهن مان 20 سيڪڙو يعني 1080 ڪيس پازيٽو آيا. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 583 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 6 هزار جي ويجهو پهچي چڪا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾ 143، ملير ۾ 133، ضلعي شرقي ۾ ڪورونا جا 113 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن ته ضلعي وسطي 78، ڪورنگي 61، ۽ ضلعي غربي ۾ 55 ڪيس رپورٽ ٿيا.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته خيرپور جي پير جو ڳوٺ ۾ 246 ڪيس پازيٽو آيا جنهن کان پوءِ لاڪ ڊائون سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ جي صورتحال ڏسي سخت پريشان آهيان اسان کي پاڻ تي به رحم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ اسان کي وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان لاڪ ڊائون جي فز ٽو ۾ داخل ٿي ويا آهيون ۽ هاڻ اسان کي ڪورونا کان بچاءُ واري ايس ايو پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔