پاڪستان سميت دنيا ۾ مائرن جو عالمي ڏهاڙو

اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مائرن سان پنهنجي محبت جي اظهار جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾  امڙن سان محبت ۽ ان جي احترام کي هٿي ڏيندو آهي. هن ڏهاڙي تي جيجل امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته موذي ڪورونا وائرس سبب هن ڏهاڙي جي  حوالي سان تقريبون منعقد نه ٿي سگهنديون. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندڙ ۽ پنهنجن ٻچڙن تي جيءُ گهوريندڙ ماءُ کي ڪيتريون ئي ڀيٽائون ڏجن، اهي سندس عظمت کان گهٽ هونديون. هي ڏينهن اهو موقعو هوندو آهي جڏهن ماڻهو پنهنجي مائرن جي لاءِ پنهنجي محبت ۽ احترام جو اظهار ڪندا آهن هن ڏينهن ماڻهو پنهنجي مائرن کي اهو احساس ڏياريندا آهن ته هو اسان جي لاءِ هميشه اهم آهي ۽ رهندي.مائرن جي عالمي  ڏينهن جي موقعي تي ڪو ماءُ کي تحفو ڏيئي ته وري ڪو ماءُ کي پنهنجي هٿن سان کاڌو تيار ڪري هن ڏهاڙي جي اهميت کي محسوس ڪندو آهي.بيشڪ محبت جو خاص رنگ ماءُ جي مقدس رشتي سان ٻڌل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔